چشتي مجاهد

چشتي، مجاهد: ڪرڪيٽ راند جو مشهور ڪمينٽيٽر چشتي مجاهد جو جنم 17 جولاءِ 1944ع ڌاري دهليءَ ۾ ڄائو. سندس وڏا پهرين الهه آباد ۾ رهندا هئا. سندس والدين پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ 14 آگسٽ 1947ع ۾ الهه آباد مان لڏي اچي ڪراچيءَ ۾ رهيا. هن ڪراچيءَ جي ’گرامر اسڪول‘ مان اي ليول تائين تعليم حاصل ڪئي. ان کانپوءِ نيشنل ڪاليج ڪراچيءَ مان گريجوئيشن ۽ ڪيمبرج يونيورسٽيءَ مان قانون ۾ ايم. اي جي سند حاصل ڪيائين. 1966ع ۾ تعليم مڪمل ڪري پاڪستان آيو، ۽ نوڪري ڪرڻ سان گڏ ريڊيي تي ڪرڪيٽ جي ڪمينٽيٽري ڪرڻ پڻ شروع ڪيائين. ريڊيي تي پهريون روان تبصرو 1966ع ڌاري نياز اسٽيڊيم حيدرآباد ۾ ٿيندڙ هڪ مئچ دوران ڪيائين. ٽن سالن تائين ريڊيو سان لاڳاپيل رهيو. 1969ع ڌاري پي.ٽي.وي تي نيوز بُليٽن پڙهڻ شروع ڪيائين. پي. ٽي. وي تي به روان تبصرا ڪرڻ لڳو، جنهنڪري سندس شمار پاڪستان جي وڏن تبصري نگارن ۾ ٿيڻ لڳو.


لفظ چشتي مجاهدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1944.07.17  عيسوي

ڪرڪيٽ راند جو مشهور ڪمينٽيٽر چشتي مجاهد جو جنم 17 جولاءِ 1944ع ڌاري دهليءَ ۾ ٿيو.


1947.08.14  عيسوي

سندس والدين پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ 14 آگسٽ 1947ع ۾ الهه آباد مان لڏي اچي ڪراچيءَ ۾ رهيا.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

علي مير شاهه
نذير احمد سومرو پروفيسر
قربان علي عباسي
انيتا غلام علي
پئٿاگورس
سومار سومرو
ساجده جبين
پير جهنڊو
ڀوپو
توتان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون